اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وبا جي دوران اسان جي حڪومت جو ڌيان ماڻهن جون زندگيون بچائڻ، معاش جي ذريعن ?? معيشت کي فروغ ڏيڻ تي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ ٻين قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ ڪورونا جي وبا جي ڦهلاءُ جي روڪٿام ۾ نمايان ڪاميابي ملي آهي، پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي وسيع گنجائش مو??ود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسٽريليا جي وزيراعظم اسڪاٽ مو??يسن سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو.