اسلام آباد – 12 ??گس?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ تعميرات جي شعبي ۾ حڪومتي مراعاتي پئڪيج جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين ۽ مختلف هائوسنگ منصوبن جي تعمير جي حوالي س??ن جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪاروباري برادري جي نمائندگي ناليواري ڪاروباري ??خص??ت عارف حبيب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي پاليسين جي ڪري معاشي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي. ڪورونا جي ڪري نه رڳو علائقائي پر سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي پر حڪومت جي بهتر حڪمت عملي جي ڪري جتي ڪورونا جي نقصانن کي هر ممڪن حد تائين روڪيو ويو اتي ڪورونا ۾ گهٽتائي آڻڻ کانپوءِ ملڪ ۾ معاشي س??گرميون وڌي رهيون آهن. ان حوالي س??ن عارف حبيب فرٽيلائيزرز، اسٽيل جي شعبي، ريئل اسٽيٽ ۽ ٻين شعبن ۾ جولاءِ جي مهيني ۾ سامهون ايندڙ بهتري بابت وزيراعظم کي بريف ڪيو. عارف حبيب ڪاروباري برادري ۽ خاص طور تي تعميراتي شعبي س??ن واڳيل ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن جي نمائندگي ڪندي حڪو??ت پاران مراعاتي پئڪيج، سهولتڪاري ۽ نظام کي آسان بڻائڻ جي حوالي س??ن وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيندي چيو ته حڪو??ت پاران تعميرات جي شعبي ۾ تاريخي مراعتن ۽ سهولتڪاري س??ن ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.