اسلام آب??د – 26 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل يونيورسٽي جو دائرو وڌائڻ ۽ گلوبل مارڪيٽنگ لاءِ پنج سالا منصوبو جوڙڻ جي هدايت ڪ??دي چيو آهي ته ڪورونا وبا جي پيش نظر ورچوئل يونيورسٽي جديد انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز جي بهتر استعمال جي ذريعي تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ورچوئل يونيورسٽي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو.