اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اج??اس ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز جي لاڳو، خلاف ورزي تي سخت انتظامي ڪارروائي ۽ ٽيسٽ، ٽريس ۽ قرنطينه ڪرڻ ج?? حڪمت عملي تي ڀرپور عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي غور ڪيو ويو. اج??اس جي صدارت منصوبابندي، ترقي ۽ سڌا??ن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪئي. اج??اس ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت صوبائي چيف سيڪريٽريز نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو آهي ته عوامي هنڌن، مارڪيٽن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن جي وڌيڪ خط??ن وارن علائقن ۾ سماجي فاصلي ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت انتظامي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ان م??قعي تي وفاقي وزير اسد عمر خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ ج?? حڪمت عملي جو مرڪزي نقطو ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ قرنطنيه قدمن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته وبا پکيڙجڻ ج?? خطري تي ضابطو آڻڻ ج?? حڪمت عملي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن قدمن تي تيزي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.