اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هن وقت ڪورونا وائرس دنيا جي 186 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي ۽ 2 لک 77 ه??ار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 11431 فوتگيون ٿيون آهن، 2 لک 77 ه??ار ڪيسن مان 92 هزار مڪمل طور تي صحتياب ٿي چڪا آهن. ڪورونا وائرس سبب صحتيابيءَ جو تناسب 97،98 سيڪڙو آهي. وزيراعظم جي قومي سلامتي??َ بابت صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضال سان گڏ م??ڊيا بريفنگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪورونا وائرس جي شڪي ڪيسن جو انگ 4046 آهي.