اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پرعزم آ??ي، ان مقصد جي لاءِ ڊيٽا فار پاڪستان پورٽل ذريعي انگ اکر جوڙڻ تر??ياتي منصوبابندي جي حوالي سان اهميت رکندڙ آهي، مهذب معاشري جي سڃاڻپ ڪجهه اميرن سان نه پر ??ڪث??يت جي رهڻي ڪهڻي سان هوندي آهي، ماضي ۾ بدقسمتي سان عوام تي پئسو خرچ ڪرڻ وقت زميني حقيقتن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، ڪنهن هڪ علائقي تي وڌيڪ فنڊ خرچ ڪرڻ سان ٻيا علائقا تر??ي کان محروم رهجي وڃن ٿا، غربت جي خلاف جهاد ئي اصل جهاد آهي، ڪمزور طبقي جي خوشحالي سان ئي ملڪ تر??ي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيٽا فار پاڪستان پورٽل جاري ڪرڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.