اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته وفاقي حڪومت طرفان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع بابت ڪيس جي تفصيلي فيصلي تي نظرثاني واري درخواست داخل ڪئي وئي آه??، اپيل ۾ اعلي عدليه جي فيصلي ۾ موجود قانوني جهولن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، نظرثاني اپيل کانپوءِ به پارليامينٽ وارو آپشن موجود آه??، اي اين ايف راڻا ثناءُ الله جي ضمانت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي اپيل داخل ڪندي، ميڊيا ۾ ملزم جو نه اي اين ايف جو ٽرائل ٿي رهيو آه??، اي اين ايف اهم قومي ادارو ??هي ان کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، جلالپور ڪينال جي تڪميل سان علائقي ۾ خوشحالي جي نئين لهر ايندي. هو صحافين سان ڳالهائي رهي هُئي.