اسلام آباد– 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد ش??با?? شريف اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف کي سالگرهه تي کيس مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سندس ڏاهپ ۽ ملڪ جي خدمت جو جذبو اسان ??ي لاءِ مشعل راهه آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته محمد نواز شريف جون سياسي خدمتون پوري قوم ??ي لاءِ اميد جو ڏيئو آهن، پاڪستان سندس ??ڻٿ?? ڪوششن ۽ بصيرت افروز قيادت تي سدائين فخر ڪندو. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي سالگرهه تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ سندس صحت ۽ ڪاميابين ??ي لاءِ دعاڳو آهيون.