اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي فضائي ڪمپني (پي آءِ اي) ڪراچي کان تربت لاءِ اُڏامون 16 ڊسمبر ??ان بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي ترجمان موجب پي آءِ اي نيٽ ورڪ بحالي طرف گامزن آهي ۽ تربت جون اُڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ قدم مڪمل ڪيا ويا آهن. هن ٻُڌايو ته قومي ايئر لائن ڪراچي کان تربت لاءِ اُڏامون 16 ڊسمبر ??ان شيڊول ۾ شامل ڪري ڇڏيون آهن، پي آءِ اي هفتيوار ٻه اُڏامون سومر ۽ اربع جي ڏينهن آپريٽ ڪندي. پي آءِ ??ي تربت ۽ گوادر آپري??ن کي نئين سر تقويت ڏني پئي وڃي. ترجمان چيو ته پي آءِ جي تربت لاءِ اُڏامون جي شروعات سا?? ملڪي معيشت لاءِ انتهائي اهم آهي، جنهن سا?? سي پيڪ جي رٿائن کي تقويت ملندي.