رياض – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? پنهنجي ٻن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري تي رياض پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي نائب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز وزيراعظم جو ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جو سعودي عر?? ۾ ??فير احمد فاروق، پاڪستان ۽ سعودي اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ ساڻس گڏ آهن. وزيراعظم سعودي عرب، فرانس، قزاخستان ۽ عالمي بئنڪ جي حصيداري سان منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس ۾ شرڪ?? ڪندو ۽ خطاب پڻ ڪندو.