اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسپين جي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي هڪ اعليٰ سطح جي پارلياماني وفد 13 ک??ن 19 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪيو. اها ڳالهه هن پريس بريفنگ ۾ چئي. ترجمان چيو ته اسپين جي وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ۽ پرڏيهي سيڪريٽر?? آمنه بلوچ سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ڌرين ويجهي ٻطرفي لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ واپار، س??ڙپ??اري ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ڌرين تعليم، زراعت، قابل تجديد توانائي، موسمياتي تبديلي، ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ ۽ ??لو??گي تي ضابطو آڻڻ ۾ تعاون کي وڌائڻ سميت ٻطرفن لاڳاپن ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پارلياماني مصروفيتن جي مثبت ڪردار کي نوٽ ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا ۽ تعاون کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.