اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب اسلامڪ س??ٽ ۾ ش??ڪت لاءِ سعودي عرب ج?? شهر رياض لاءِ روانو ٿي ويو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف عرب اسلامڪ سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي سمٽ جي سائيڊ لائينز تي وزيراعظم جون عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به متوقع اهن. سڌ ??ماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن. هي غير معمولي سربراهي اجلاس سعودي عرب ج?? حڪومت طرفان گهرايو ويو آهي جنهن ۾ غزه ۽ فلسطين سميت وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. سربراهي اجلاس ۾ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جا ميمبر ملڪ به ش??ڪت ڪري رهيا آهن.