فيصل آباد – 28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪمپيوٽر سيڪيورٽي جو عالمي ڏينهن 30 نومبر ڇنڇر تي ملهايو ويندو. ان موقعي تي انفارميشن ٽي??نا??اجي ڊپارٽمينٽ، مختلف موبائل فون ڪمپنيز ۽ پي ٽي سي ايل سميت انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪندڙ ٻين ادارن سميت ا??ن جي اوز جي شراڪت سان مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ انفارميشن ٽي??نا??اجي اينڊ ڪميونيڪيشن ايڪسپرٽس سميت ٻيا لاڳاپ??ل اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪندا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي اهم معاملن بابت بريف ڪيو ويندو. انفارميشن ٽي??نا??اجي جي ماهرن ٻڌايو ته اهو ڏينهن ملهائڻ جي شروعات 30 نومبر 1998 تي ٿي ه??ي جنهن جو مقصد سمورن شهرين ۾ ڪمپيوٽر جي ڊيٽا جي حفاظت لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن ماڻهن کي ڪمپيوٽر جي استعمال بابت مڪمل رهنمائي ۽ معلومات فراهم ڪري سگهجي. ان کان علاوه ڄاڻايل ڏينهن جي مناسبت سان آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل ڪمپنين طرفان واڪس جو اهتمام به ڪيو ويندو.