اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان گڏيل قومن ۾ پاڪست??ن جي مستقل نمائندي منير اڪرم اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت م??ن جاري ??يان مطابق ملاقات ۾ ناڻي واري وزير جي مختلف شراڪتدارن، مالياتي ادارن، واپاري ۽ سيڙپڪاري ??ئنڪن، ٻه طرفي شراڪتدارن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ حڪومتي عهديدارن سان منعقد مشاورت ۽ ??ال??ين تي عملدرآمد ۽ اڳڀرائيءَ بابت معاملا بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي منير اڪرم پاڪستان طرفان موسمياتي انصاف جي ضرورت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ، موسمياتي مالي معاونت ۾ اضافي ۽ اُسرندڙ ملڪن جي امداد لاءِ واپاري ??ڌارن کي هٿي وٺرائڻ جي ڪ??شش?? تي روشني وڌي. هن ڊيميج اينڊ لاس فنڊ کي جلد ک??ن جلد فعال ڪرڻ، 2021ع جي اسپيشل ڊرائينگ رائٽس الاٽمينٽ جو 50 سيڪڙو ٻيهر ترقياتي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جي معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۽ گڏيل قومن ۾ بين الحڪومتي عمل ذريعي سيڪريٽري ??نرل طرفان پائيدار ترقيءَ جي هدفن لاءِ تجويز ڪيل قدمن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ عالمي سطح تي پاڪست??ن جي ڪ??شش?? کي به اجاگر ڪيو. منير اڪرم ترقي يافته ملڪن طرفان پنهنجي مجموعي قومي آمدنيءَ جو 0.7 سيڪڙو سرڪاري ??رقياتي امداد جي فراهمي جي عزم کي پوري ڪرڻ لاءِ واضح ۽ مختلف وقتن تي ٻَڌل روڊ ميپ واضح ڪرڻ ۽ گڏيل قومن تحت اوسرندڙ ملڪن ۾ پائيدار بنيادي ڍانچي ۾ سرڪاري ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نظام جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ ڪ??شش?? تي به روشني وڌي ته جيئن قرضن جي بار هيٺيان دٻيل ملڪن لاءِ تيز ۽ منصفاڻي قرض معافي ۽ ري ??سٽرڪچرنگ جي سهولت فراهم ڪري ??گهي.