اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي ۾ خارجين جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن پيشي??ار??ڻي مهارت س??ن فتنه الخ??ار?? جي 9 دهشتگردن بشمول خودڪش بمبارن ۽ انهن جي مک ليڊر کي جهنم واصل ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز س??ن گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين.