اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قزاخستان جو وزيراعظم اولزاس بيڪو تينو ۽ بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولو چينڪو شنگهائي تع??ون تنظيم جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانا ٿي ويا، سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ ??وا??لات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ٻنهي وزيراعظمن کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي کين رخصت ڪيو. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته مستقبل ۾ به ائين ئي رابطن ۽ دورن جا خواهشمند آهيون جيڪي خطي جي لاءِ انتهائي لاڀائتا ثابت ٿيندا. قزاخستان جي وزيراعظم ۽ بيلاروس جي وزيراعظم وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيندي چيو ته شنگهائي تع??ون تنظيم جو اجلاس شاندار ۽ تمام اعليٰ انداز ۾ ٿيو ۽ سندن پاڪستان ۾ قيام انتهائي خوشگوار رهيو جڏهن ته هو ڪيتريون ئي اميدون ۽ خوشگوار يادون کڻي وڃي رهيا آهن. شنگهائي تع??ون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ??وا??لات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ روس جي ٽرانسپورٽ واري ڊپٽي وزي?? دمتري زرائوف جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ ان اجلاس ۾ روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ??وا??لات جي شعبي ۾ گڏيل تع??ون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ نئين منصوبن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان جي لاءِ چين، افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن تائين روڊ نيٽ ورڪ جي اهميت رکند?? هوندو جڏهن ته روسي ڊپٽي ٽرانسپورٽ منسٽ?? دمتري زرائوف پاڪستان جي ڪميونيڪشن سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيرن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته شنگهائي تع??ون تنظيم جو اجلاس انتهائي مثبت رهيو ۽ اهي قدم خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ ??وا??لات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ريلوي واري وفاقي سيڪريٽري جي شرڪت ۽ ??وا??لات جي شعبي ۾ اهم معاملن تي بريفنگ ڏني.