راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر وزيرستان جي ضلعي جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمدعلي شوڪت سميت پاڪ فوج جي شهيد 6 جوانن جي ??نا??ي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد (عمر 43 سال، رهواسي فيصل آباد)، لانس نائيڪ محمد ال??ه شهيد (عمر 29 سال، رهواسي خيبر)، لانس نائيڪ اختر زمان شهيد (عمر 30 سال، رهواسي لڪي مروت)، لانس نائيڪ شاهد ال??ه شهيد (عمر 29 سال، رهواسي ٽانڪ)، لانس نائيڪ يوسف علي شهيد (عمر 31 سال، رهواسي اورڪزئي) ۽ سپاهي جميل احمد شهيد (عمر 26 سال، رهواسي س??ات) گذريل ڏينهن دهشتگردن سان بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، جن کي سندن اباڻن ڳوٺن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ??نا??ي نماز ۾ سينيئر حاضر سروس فوجي آفيسرن، فوجي جوانن، شهيدن جي ??ار??ن ۽ علائقن جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي شيهدن جون اهي قربانيون دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ ۾ اسان جي عزم ۽ حوصلي کي تقويت بخشين ٿيون.