اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهر?? وزير محسن نقوي عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي ڏهاڙيءَ جي موقعي تي پوري قوم ۽ مسل?? اُمت کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان کي حضور ا??رم صلي الله عليه وآله وسلم جي صوت ۾ هڪ عظيم نعمت سان نوازيو آهي جيڪا پوري ڪائنات لاءِ رحمت جو سبب آهن. گهر?? وزير چيو ته حضور ا??رم صلي الله عليه وآله وسلم بهترين وصفن ۽ قدرن جا مظهر آهن. هن چيو ته حضور ا??رم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات اسان لاءِ بهترين نمونو آهي، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي جي اچڻ س??ن سڄي دنيا روشن ٿي ۽ بي سهارا ماڻهن کي پناهه ڏني. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورن مسلمانن جي ڪاميابي جي ڪُنجي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات تي عمل ڪرڻ س??ن ئي آهي. هن ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم هڪ مثالي سماجي، سياسي ۽ معاشي نظام پيش ڪيو، جيڪو دنيا لاءِ روشني جو مينار آهي. گهر?? وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مسل?? اُمت کي درپيش مسئلن جو حل سيرت النبي صلي الله عليه وآله وسلم ۾ لِڪل آهي. هن چيو ته حضور ا??رم صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي همدردي، رواداري، اتحاد ۽ ڀائيچاري جي روشن مثال آهي. رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم امن، انسانيت جي احترام، مساوات، عفو ۽ درگذار ۽ انصاف جو درس ڏنو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حقيقي ترقي، خوشحالي، امن ۽ استحڪام صرف حضور ا??رم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات تي صحيح معنائن ۾ عمل ڪرڻ س??ن حاصل ٿي سگهي ٿي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي حضور ا??رم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات تي صحيح معنائن ۾ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ اسان جي وطن کي امن جو گهوارو بڻائي.