اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شهيد ٿيل پ??ڪس??اني زائرين جا مڙهه واپس آڻڻ لاءِ جمعي ڏينهن سي ون ٿرٽي جهاز ايران روانو ٿي ويو. جاري بيان موجب پ??ڪس??ان ايئرفورس جو سي ون ٿرٽي جهاز نور خان ايئربيس کان ايران جي لاءِ روانو ٿيو جيڪو جمعي ڏينهن ٽپهر ساڍي 3 وڳي تائين يزد ايئرپورٽ ايران پهچندو. پ??ڪس??اني زائرين جا مڙهه ايران مان واپس آندا ويندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ات?? طور تي پاڻ سڄي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ بدقسمت بس ۾ سوار 51 مسافرن مان 28 پ??ڪس??اني زائرين شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 23 زخمي ٿيا آهن ۽ 14 زائرين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. يزد ايران کان لاڙڪاڻي تائين ڊگهي فاصلي ۽ گرم موسم جي ڪري ايران ۾ پ??ڪس??ان جي سفير پ??ڪس??اني زائرين جا مڙهه فضائي رستي وسيلي پ??ڪس??ان موڪلڻ جي سفارش ڪئي هئي، ان حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ پ??ڪس??اني زائرين مان اڪثر جو تعلق سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي سان آهي.