اسلام آ??اد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان مل??قا?? دوران ڪيو. مل??قا?? ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. مل??قا?? ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير ت??رڙ، وزيراعظم جي سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر ۽ سينيٽر شيري رحمان پڻ شريڪ هئا.