اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ته ??جلي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ پهچ نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئ??ٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ بورڊ ميمبرن ملاقات ڪ??ي. ملاقات ۾ لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۽ هزاره اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جا نوان مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم ڊسڪوز بورڊز جي نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انهن مقررين جي عمل کي انتهائي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ تي پاور واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??وهان کي قومي خدمت جو موقعو مليو آهي، مون کي پورو يقين آهي ته ??وهان پنهنجي ذميواري پوري خوش اسلوبي سان نڀائيندا. هن چيو ته ??ها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ??جلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سٺن ماڻهن جي مقرري ٿي جن کي پنهنجي شعبي تي عبور حاصل آهي، نيون مقرريون توانائي جي شعبي جي سڌارن طرف پهريون قدم آهي، بجلي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن. وزيراعظم چيو ته ڊسڪوز ۾ گورننس جي کوٽ آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڊيجيٽائيزيشن ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته ??جلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئ??ٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم ??دايت ڪ??ي ته ??جلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون پنهنجون ڪسٽمر سروسز بهتر بڻائين. هن چيو ته ??ٺي ڪارڪردگي وارن آفيسرن جي پذيرائي ڪئي ويندي ۽ خراب ڪارڪردگي وارن آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ويندو. ان موقعي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ??يس او اي ايڪٽ تحت بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي پاليسي سازي ۾ خودمختياري حاصل آهي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جو پاور وارو خاص معاون محمد علي، وزيراعظم جو ڪوآردينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.