اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پارلياماني عمل ۾ نوجوانن جي شموليت نه رڳو اهم قدم پر ملڪي مفاد لا??ِ گهڻو ضروري آهي، پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي ملڪ جو انتهائي قيمتي اثاثو آهن، سينيٽ انٽرنشپ پروگرام نوجوانن کي پارلياماني عمل سان جوڙڻ لا??ِ هڪ منظم رستو فراهم ڪري. اهڙو اظهار هن سمر انٽرنشپ پروگرام جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سينيٽ سمر انٽرنشپ پروگرام جي پڄاڻي جي موقعي تي ان تقريب کي خطاب ڪرڻ منهنجي لا??ِ اعزاز جي ڳالهه آهي. سينيٽ جي ڪميٽين ۽ سيڪريٽريٽ ۾ نمايان ڪارڪردگي تي آئون اوهان سڀني کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته نوجوانن ۾ سماجي ۽ معاشرتي تبديلي کي اڳ??ي وڌائڻ جي صلاحيت تمام گهڻي آهي، نوجوان نسل کي ملڪ جي جمهوري عمل ۾ شامل ڪرڻ سان ادارن کي سگهه ملندي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قانونسازي جي ايوانن ۾ نوجوانن جي شرڪت جو ??جحان سڄي دنيا ۾ هٿي وٺي رهيو آهي، قانونسازي جي عمل ۾ نوجوانن جي شموليت ملڪ لا??ِ فائديمند ثابت ٿيندي آهي ۽ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائيندي آهي ته حڪومتي پاليسيون نوجوانن جي امنگن جي عڪاسي ڪنديون آهن. هن چيو ته تاريخي طور تي نوجوانن سياسي نظام جي جوڙجڪ ۽ سماجي تبديلي کي اڳ??ي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح نوجوان نسل جي صلاحيتن کي تسليم ڪيو ۽ نوجوانن تي زور ڀريو ته هو پاڻ کي قومي تعمير لا??ِ تيا?? ڪن. نوجوان مستقبل جا معمار آهن. نوجوانن جي مهارتن ۽ صلاحيتن کي ملڪي مفاد جي استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سينيٽ انٽرنشپ پروگرام نوجوانن کي پارلياماني عمل سان جوڙڻ لا??ِ هڪ منظم رستو فراهم ڪندو. نوجوانن انٽرنشپ پروگرام مان قانونسازي جي طريقيڪار، پاليسي سازي ۽ آفيس جي معاملن بابت نمايان آگاهي حاصل ڪئي. نوجوانن جو پارليامينٽ هائوس ۾ ڪم جو ??جربو انهن جي روشن مستقبل جي ضمانت ثابت ٿيندو. نوجوانن کي نه رڳو پارليامينٽرين سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو پر سينيٽ جي اعليٰ عملدارن جي تجربي مان به فائدو کنيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسان سڀ اوهان جي روشن مستقبل لا??ِ دعاڳو آهيون. اميد آهي ته اوهان سڀ پنهنجي محنت ۽ قابليت عيوض ملڪ جو قيمتي اثاثو ثابت ٿيندا. سيد يوسف رضا گيلاني سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سينيٽ جي اعليٰ عملدارن کي خراج تحسين پيش ڪيو.