اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آص?? علي زرداري وادي تيراه ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي ۾ زخمي ٿيل ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ جي شهادت تي وا??ثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ وطن جي دفاع ۾ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار به ڪيو. صدر آص?? علي زرداري جي شهيد جي درجن جي بلندي ۽ وا??ثن لاءِ صبر جي به د??ا ڪئي.