اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ??هي ته چين جي حڪومت جي سهڪار سان بلوچستان ۾ ”شي پاور“ منصوبي جي شروعات واکاڻ جوڳي آهي، منصوبو پاڪستان ۽ چين جي مضبوط بنيادن تي هموار دوستي جو هڪ ٻيو ??نده مثا?? آهي. چيني سفارتخاني ۾ بلوچستان جي عورتن جي صحت جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ??ه اسڪولن جي ڇوڪرين ۾ 20 هزار هيلٿ ڪٽس ورهائڻ سان نه رڳو صحت سان ڳنڍيل معاملن کان واقفيت وڌندي پر اها ٻارڙين جي پرورش ۾ به مددگار ثابت ٿيندي. صحتمند ۽ تعليم يافته عورتون خوشحال ۽ ت??قي يافته معاشري جو بنياد آهن. هن چيو ??ه اسپيڪر طور مون هميشه عورتن ۽ ٻارن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن. عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ قانونسازي سان گڏ پارلياماني ويمن ڪاڪس، ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس، جينڊر مين اسٽريمنگ بابت پارلياماني ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو. پاڪستان ۽ چين هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. چين پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ت??قي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي. پاڪ -چين اقتصادي راهداري منصوبو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي ۾ واڌ خوش آئنده آهي. اسپيڪر چيو ??ه پاڪستان هن دوستي کي نق??ان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ۽ چين هميشه دنيا ۾ امن کي هٿي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. بلوچستان منهنجي دل جي ويجهو آهي. بلوچستان جي عوام کي درپيش مسئلن جو حل هميشه ترجيحن ۾ رهيو ??هي. پاڪستان جي ت??قي بلوچستان جي ت??قي سان ڳنڍي?? آهي. بلوچستان جي ت??قي ۽ خوشحالي لاءِ چين جو سهڪار واکاڻ جوڳو آهي. چيني سفير جيانگ زائيڊنگ تقريب ۾ شموليت تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيو.