اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري دولت مشترڪه سان تعاون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان دولت مشترڪه جو باني ميمبر هجڻ جي ناطي تنظيم کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري دولت مشترڪه جي سيڪريٽري ج??رل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان ڳالهائي رهيو هو جنهن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. صدر ??وس??ياتي تبديلي، تعليم، پارلياماني مٽاسٽا، قدرتي آفتن جي شعبن ۾ مضبوط تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پارلياماني ادارن خاص طور تي نوجوان پارليامينٽرينز ۽ شاگردن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. ملاقات ۾ پاڪستان م ??وس??ياتي تبديلي جي اثرن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ??وس??ياتي تبديلين سان تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو، ??وس??ياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ تمر جا وڻ لڳايا ويا، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽ جي واپار سان 27 ملين ڊالر ڪمايا ويا. هن چيو ته سنڌ حڪومت 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ 20 لک پائيدار گهرن جي تعمير شروع ڪئي. سيڪريٽري ج??رل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ??وس??ياتي تبديلي سان واڳيل وڏا چئلينجز درپيش آهن. سيڪريٽري ج??رل تنظيم جي پاڪستان سان متحرڪ تعاون تي روشني وڌي. صدر 2022ع جي تباهي آ??يندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان جي لاءِ پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي خدمتن کي ساراهيو.