سرينگر-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪشميري 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪش??ير طور ملهائيندا جنهن جو مقصد نريندر مودي جي قيادت هيٺ ڀارتي حڪومت طرفان 2019ع ۾ ان ڏينهن والاريل ڄمون ڪش??ير جي حوالي سان ڪيل غيرقانوني قدمن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي. ڪشمير ??يڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ان ڏينهن والاريل ڄمون ڪش??ير ۾ مڪمل هڙتال جو سڏ ڏنو آهي. مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪش??ير جي خاص حيثيت ختم ڪري علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو هو. يوم استحصال ڪشمير ??لهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي تسليم نٿا ڪن. ڪل جماعي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته نئين دهلي ۾ بي جي پي / آر ??يس ??يس جي ڳٺجوڙ ڪشميرين جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حقن کي غصب ڪيو آهي. ڄمون ڪشمير ??يشنل فرنٽ پارٽي جي نظربند چيئرمين نعيم احمد خان جي صبر واستقامت کي ساراهيو آهي جنهن ڀارت جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرقانوني نظربندي جا 7 سال مڪمل ڪيا آهن. پارٽي هن جي نظربندي کي بنيادي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو آهي.