اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪا??ي لاءِ خاص اقتصادي زونز قائم ڪري رهي آهي، حڪومت عوام ۽ واپارين کي رليف ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن ايف پي سي سي آءِ جي ??در عاطف اڪرام شيخ جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته حڪومت صنعتن جي ??رپيش مسئلن کي حل ڪري رهي آهي، حڪومت عوام ۽ واپارين کي رليف ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪا??ي لاءِ خاص اقتصادي زونز قائم ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ ايف پي سي سي آءِ جي وفد مهانگي بجلي ۽ آءِ پي پيز ??ان ناجائز معاهدن جو معاملو اٿاريو. ان موقعي تي عاطف اڪرام شيخ ??يو ته ملڪ ۾ توانائي جي وڌيڪ قيمتن سبب صنعتون بند ۽ معيشت تباهه ٿي رهي آهي. توانائي جي قيمتن کي علائقائي ملڪن جي ??رابر آڻڻو ??وندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪاري ۽ ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ صنعت جي واڌ طرف وڃڻو ??وندو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين وفد کي واپاري برادري جا مسئلا حل ڪرڻ جي ??اطري ڪرائي.