اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. سريلنڪن وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري اروني وجيورد جڏهن ته پاڪستان پاران پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪئي. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پاران جاري بيان موجب مشاورتي ??جلاس خوشگوار ۽ تعميري ماح??ل ۾ ٿيو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جڏهن ته ڳالهه ٻولهه ۾ خاص طور تي واپار، اقتصادي تعاون، دفاع ۽ سلامتي، تعليم، پارلياماني م??اس??ا، ثقافت، ميڊيا، راندين، گهڻ رخي فورمز تي ??عاون ۽ قونصلر معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت انداز تي ??طمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مشاورتي ??جلاس ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ ان جي پاڙيسري خطن ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي ڊائنامڪس تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۽ م??اس??ا کي وڌائڻ ۽ ڊائيلاگ مڪينزم کي مضبوط بڻائڻ تي ??تفاق ڪيو ويو. ڌرين زراعت?? صحت، رابطي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جو فيصلو ڪيو. هن ان ڳالهه کي پڻ ساراهيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ڪيترن ئي عالمي مسئلن تي ??تفاق راءِ آهي.