اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”اتحاد جي پڌرنامي“ جي آجيان ڪئي آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن بامقصد ڳالهين ج?? لاءِ فلسطيني سياسي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ چين ج?? ڪ??دا?? کي تسليم ڪندي ان کي ساراهيو. ترجمان چي?? ته فلسطيني عوام خاص طور تي غزه ۾ جاري جنگي ڏوهن ۽ اسرائيلي قابض فوج پاران عالمي قانونن ج?? واضح خلاف ورزي جي ڏس ۾ فلسطيني عوام جي وچ ۾ اتحاد انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چي?? ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها غزه ۾ جاري غيرقانوني ۽ مسلسل جارحيت جي خ??تمي جي لاءِ فوري مداخلت ڪري. ترجمان چي?? ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي تسليم ٿيل حق حاصل ڪرڻ، انهن ج?? فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان ج?? گادي واري شهر طور هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا.