اسلام ??با?? – 22 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ موسمياتي ت??ديلي تمام وڏو چئلينج هوندو، ا??ان کي پنهنجي نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ?? پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي اهتمام هيٺ مارگلا هلز ۾ وڻڪاري مهم جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام ??با?? جو شمار خوبصورت ترين شهرن ۾ ٿئي ٿو، ا??ان کي فخر آهي ته اسلام ??با?? اسان جو ڪيپيٽل آهي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ ٻين ملڪن کان وڻ ۽ گاهه درآمد ڪري پنهنجي ملڪ ۾لڳائين ٿا، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته هن اسان کي خوبصورت گادي واري شهر سان نوازيو. هن چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ اسلام ??با?? جي سڃاڻپ آهي جنهن تي اسان فخر ڪريون ٿا. هن چيو ته وڻ زندگي جي علامت آهن، وڻ آهن ته اسان آهيون، ا??ان خوشنصيب آهيون ته اسان جو گهڻو وقت اسلام ??با?? ۾ گذري ٿو، ا??لام ??با?? ۾ هوا جو معيار باقي شهرن کان بهتر آهي. هتي وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ سان ماحول ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته ”سيلفي ود اي ٽري“ جي نالي سان وڻڪاري مهم شروع ڪئي پئي وڃي. اسلام ??با?? جي شهرين کي گذارش آهي ته اهي وڌ کان وڌ وڻ ۽ ٻوٽا لڳائين. اطلاعات واري وفاقي وزير تجويز ڏني ته وفاقي گادي واري شهر ۾ گرين روف ٽاپ پراجيڪٽ شروع ڪيو وڃي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ روف گرين ٽاپ طرف وڃي رهيا آهن، ا??لام ??با?? ۾ روف ٽاپ تي بي پناهه جڳهه موجود آهي جتي ٻوٽا ۽ وڻ لڳائي سگهجن ٿا. هن چيو ته گرين روف ٽاپ سان پورو اسلام ??با?? سرسبز نظر ايندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مارگلا نيشنل پارڪ ۾ باهه لڳڻ جي واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته باهه لڳڻ جي ڪري نقصان به ٿيو پر سي ڊي اي، موسمياتي ت??ديلي واري وزارت، فائربرگيڊ، ٻيلن واري کاتي جي ٽيمن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته انهن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي رات دير تائين باهه وسائڻ جون ڪوششون ڪيون، جيڪڏهن ڪٿي ڪو تخريبڪاري جو عنصر موجود هو ته ان جي خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي. هن چيو ته ايندڙ وقتن ۾ موسمياتي ت??ديلي تمام وڏو چئلينج هوندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو ڪاربن جي اخراج ۾ رڳو 2 سيڪڙو حصو آهي پر ان جو 90 سيڪڙو نقصان اسان برداشت ڪريون ٿا. اسان وٽ ٻوڏ اچي ٿي، هوا جو معيار خراب ٿئي ٿو ته ان ۾ اسان جو ڏوهه نه آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪاربن جو اخراج وڌيڪ آهي جنهن جي ڪري ماحول کي وڌيڪ نقصان پهچي ٿو، انهن ملڪن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پاڪستان حڪومت سان تعاون ڪن. هن چيو ته موسمياتي ت??ديلي پوري انسانيت جو مسئلو آهي، انسانيت ۽ مستقبل جي نسلن جي خاطر اسان کي وڌي چڙهي وڻڪاري ۾ حصو وٺڻو پوندو ۽ ان کي قومي ذميواري ۽ ايندڙ نسلن جو مسئلو سمجهي سنجيدگي سان سرانجام ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن سميت ٻين جاين تي وڻڪاري مهم جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ جي حفاظت ڪرڻ به اسان جي ذميواري آهي. اسلام ??با?? جا شهري ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وفاقي وزير چيو ته ”ٽريڪ يور ٽري“ جي نالي سان جلد ايپلي ڪيشن لانچ ٿيندي، ان جي ويب سائيٽ اڳ ۾ ئي موجود آهي، ان ايپلي ڪيشن ذريعي شهري پنهنجي لڳايل ٻوٽي ۽ وڻ جي واڌويجهه ڏسي سگهندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي بقاءَ وڻن سان آهي، ا??ان کي وڻ لڳائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حڪومت اسلام ??با?? جي ماحول کي صاف رکڻ ۽ اتي وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته هر شهري جي ذميواري آهي ته هو وڻ لڳائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن کي چيو ته اها ٽي وي چينلز جي ٽاڪ شوز ۾ خصوصي پروگرام جو اهتمام ڪري ته جيئن عوام ۾ وڻ لڳائڻ جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي. هن چيو ته ميڊيا معاشري جي ذهن سازي ڪري ٿي ۽ معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪري ٿي. سمورا ٽي وي چينلز پنهنجي آفيسز ۾ ٽري پلانٽيشن مهم جي شروعات ڪن. جيڪڏهن انهن وٽ جڳهه نه آهي ته ان جي لاءِ هتي جڳهه مخصوص ڪئي ويندي. سڀئي ٽي وي چينلز هتي اچن ۽ وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺن. هن چيو ته جيڪڏهن ان ڪم کي تيزي سان نه ڪيو ويو ته خدا نه ڪري هڪ وقت ايندو اسان کي ساهه کڻڻ جي لاءِ آڪسيجن سيلينڊر کڻڻ?? پوندا. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي دوران سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون لڳو، ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا، ا??ان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي آبهوا کي صاف رکون، وڌ کان وڌ وڻ لڳايون ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻايون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي ت??ويز ڏي ٿو ته اهي هر وزارت ۾ وڻ لڳائڻ جو شيڊيول تيار ڪن جتي ماڻهن کي وڻ لڳائڻ جي ت??غيب ڏئي سگهجي.