اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان ??وليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گيٽس فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس ملاقات ڪئي. بل گيٽس وزيراعظم جي دعوت تي پ??ڪس??ان جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي هن سال رياض ۾ ٿيندڙ اجلاس ??ي موقعي تي بل گيٽس سان ??نهن??ي ملاقات دوران کيس پ??ڪس??ان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. وزيراعظم شهباز شريف بل گيٽس کي معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل مالياتي خدمتن ۾ اهم اڳڀرائي، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ بهتري، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ??وافقت ۽ پوليو جي خاتمي جي حڪومتي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم معيشت کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي حوالي سان ????ڪس??ان حڪومت جي قدمن جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پوري حڪومتي ڍانچي جي هڪ ڊيجيٽلائيزڊ ايڪو سسٽم جي نتيجي ۾ اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ حڪومت عوامي ڀلائي جي اسڪيمن تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي قابل ٿيندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پ??ڪس??ان حڪومت ۽ گيٽس فائونڊيشن ٻنهي جا ڪيترائي هدف آهن ??ن ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ اضافي، غذائي تحفظ کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ??وافقت ۽ مالياتي شموليت شامل آهي. وزيراعظم گيٽس کي مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهه ڪيو. پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي لاءِ سڀ کان ??ڏو عطيو ڏيڻ تي گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم پوليو وائرس جي وڌندڙ انفيڪشن جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ جامع حڪمت عملي ۽ پ??ڪس??ان ۾ ان بيماري کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ گهربل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن پوليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ملڪ مان ??وليو جو خاتمو حڪومت اولين ترجيح آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم چيو ته جيستائين ملڪ مان ??وليو ??ي مڪمل خاتمي تائين ان حوالي سان ??ومي سطح تي ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. بل گيٽس ملڪ مان ??وليو جي خاتمي جي حوالي سان ??سلسل لگن ۽ ذاتي دلچسپي جي لاءِ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ??قين جو پڻ اظهار ڪيو ته مسلسل ويڪسينيشن ۽ حڪومت جي پختي عزم سان ??وليو جي خاتمي ??ي مهم ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس ڊيٽا سائنس ٽولز ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي کي پ??ڪس??انين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اهم وسيلا قرار ڏنو. ٻنهي ڌرين نه رڳو پوليو جي خاتمي پر سمورن صوبن ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمورن پ??ڪس??انين خاص طور تي عورتن جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.