شينزن – 05 – جون (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فا??مه خواجه سان سن واڪ گروپ جي وفد شينزن، چين ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊيجيٽلائيزيشن، ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر ۽ فا??برائزيشن جي حوالي سان ڳالهه ٻ??له?? ٿي. سن واڪ وفد آءِ ٽي واري مملڪتي وزير کي گروپ جي پاڪستان ۾ نيشنل آپٽيڪل فا??بر پراجيڪٽ جنهن جي شروعات 2021ع ۾ ٿي، تي بريف ڪيو. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت پاران جاري بيان موجب آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فا??مه خواجه سن واڪ گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي ڪرڻ ۽ ان حوالي سان مستقبل جي منصوبابندي کي ساراهيو. شزه فا??مه خواجه چ??و ته ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ آپٽيڪل فا??بر ڪيبل نيٽ ورڪ تمام اهم آهي، موجوده حڪومت سڄي ملڪ ۾ معياري ٽيلي ڪام سروسز جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن سن واڪ گروپ کي ان جي مستقبل جي قدمن ۾ پاڪستان حڪومت جي تعاون جي خاط??ي ڪرائي. ٻئي طرف ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپني زيڊ ٽي اي جي ٽيم آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فا??مه خواجه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪش??ز ٽيڪنالاجي سلوشنز، انوويشن ۽ ڪنيڪٽيويٽي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ ڊيوائس مينوفيڪچرنگ فيڪٽري، فا??برائزيشن فيڪٽري ۽ ڊيٽا سينٽرز قائم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻ??له?? ٿي.