بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي جي وزير ل??وج??ان چائو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي سياسي پارٽين ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي وچ ۾ پراڻي تعاون ۽ مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس موجب سينيٽر اسحاق ڊار چين جي بنيادي مسئلن تي پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزير ل??وج??ان پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سال??يت ۽ اعليٰ معيار جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ??ي لاءِ چين جي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي اه??يت ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پڻ تصديق ڪئي. سي پيڪ جي سمورن منصوبن بشمول ايم ايل – I جي اپ گريڊيشن، گوادر پورٽ ۽ قراقرم هاءِ وي (ڪي ڪي ايڇ) کي ??يهر جوڙڻ تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شانگلا حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي افسوس ۽ صدمي جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگردي جي هر قسم جي خاتمي ۽ شانگلا حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ??ي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ چيني منصوبن، اهلڪارن ۽ ادارن جي حفاظت کي ??قيني بڻائڻ ??ي لاءِ پاڪستان جي قدمن تي زور ڏنو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ل??وج??ان چائو کي ??ن سال سياسي پارٽين جي سي پيڪ جوائنٽ ڪنسلٽيٽو مڪينزم جي اڳئين اجلاس جي شريڪ صدارت ??ي لاءِ پاڪستان جي دوري جي باضابطا دعوت ڏني.