اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي آ??يس موجب هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ۽ ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سندس آجيان ڪئي. ايراني صد?? سان گڏ سندس گهرواريءَ ۽ پرڏيهي وزي?? کانسواءِ ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطح وفد پڻ گڏ آهي. صدر ابراهيم رئيسي جو دورو پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ايجنڊا پاڪ ايران لاڳاپن جي گهرائي ۽ سگهه جي عڪاسي ڪري ٿو. هو پاڪستان ۾ قيام دوران صدر ۽ وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪ?? سان ملاقاتون ڪندو. هو لاهور ۽ ڪراچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.