اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان شام جي شهر دمشق ۾ ايراني س??ار??خاني ج?? قونصلر سيڪشن تي حملي ج?? سخت مذمت ڪندي متاثرين جي گهرڀاتين، عوام ۽ ايران جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو حملو شام جي خودمختياري ج?? ناقابل قبول خلاف ورزي آهي ۽ ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي ٿو. بيان موجب اها ??ال??ي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي، 1961ع جي س??ار??ي لاڳاپن جي ويانا ڪنوينشن تحت ????ار??ڪارن يا س??ار??ي سهولتن جي خلاف حملا به غيرقانوني آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج جو غيرذميواراڻو قدم اڳ ۾ ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ان جي مهم جوئي ۽ پاڙيسري ملڪن تي حملو ڪرڻ ۽ غيرملڪي س??ار??ي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي غيرقانوني ڪاررواين کان روڪي.