اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ??بارڪباد جي پغامن تي چين، ترڪيه ۽ گڏيل عربامارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي سم??جي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ??بارڪباد جي پيغام جو جواب ڏيندي چيو ته هو پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي بيلٽ اينڊ ر??ڊ انيشي ايٽو جي فليگ شپ منصوبي طور اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند ??هي. هن چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جا پڻ ثورا مڃ??ا ۽ چيو ته پاڪستان سي پيڪ مان مڪمل طور تي ??ائدو کڻڻ ۽ چين سان تعاون تي ??ڌل سدا بهار حصيداري جي لاءِ ڪم جاري رکندو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جا پڻ ٿورا مڃ??ا ۽ چيو ته هو تاريخي ٻطرفن لاڳاپن کي ڀائيچاري ۽ تعاون جي بي مثال سطح تائين وڌائڻ جي لاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند ??هي. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد سميت گڏيل عرب امارات جي قيادت جا پڻ انهن جي نيڪ خواهشن ۽ دعائن تي ??ورا مڃيا. هن مبارڪباد جي خط جي لاءِ يو اي اي جي نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ صدارتي عدالت جي چيئرمين شيخ منصور بن زيد النهيان جا پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گڏيل عرب امارات جي ڀائراڻي ۽ دورانديش قيادت سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي ??ڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون، گڏيل اعتماد، گڏيل مذهب، تاريخ ۽ ثقافت پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن جا ٿنڀ آهن.