اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عوامي نيشنل پارٽي ج?? سربراهه اسفند يار ولي جي گ??رواريءَ جي لاڏاڻي ??ي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انهن جي گ??رڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تعزيتي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون ۽ دعائون سوڳوارن سان گڏ آهن. صدر وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي مرحومه جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.