اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تحت پاڪستان ۾ کربين ڊالر جي معدنيات جو شعبو ت??قي جون نيون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، لوڻ جي برآمد ۾ اضافي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي ڪمپني مير??ڪل سالٽ ڪليڪٽو ان ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي صدر احمد نديم خان جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ توانائي واري نگران وفاقي وز??ر محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ نگران وز??راعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته گذريل ڏينهن پي ايم ڊي سي ۽ مير??ڪل سالٽ جي وچ ۾ صحيحون ٿيندڙ جوائنٽ وينچر کانپوءِ پاڪستان جي لوڻ جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو آمريڪا پاڪستان جي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. نگران وز??راعظم چيو ته هي منصوبو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ترين موقعا ??وجود آهن، هماليائي گلابي لوڻ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي، ان جي عالمي منڊين ۾ برآمدات خوش آئنده ڳالهه هوندي. نگران وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۾ کربين ڊالر جي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت پاڪستان ۾ ان شعبي جي ت??قي جون نيون منزلون طئي ڪيون پيون وڃن. نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا جنهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. مير??ڪل سالٽ جي وفد حڪومت خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جا ڪمپني سان تعاون تي ٿورا مڃيا. وفد نگران وز??راعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني جي پاڪستان ۾ جوڙجڪ کانپوءِ ان کي سڄي دنيا جي وڏين اسٽاڪ ايڪسچينجز تي آندو ويندو جنهن سان حڪومت ۽ مقامي سيڙپڪارن کي به فائدو ٿيندو. وفد نگران وز??راعظم کي لوڻ جي کاڻين وارن علائقن ۾ مقامي آبادي جي معاشي بهتري، تعليم ۽ صحت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي بابت پڻ آگاهه ڪيو.