اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جو عزم آهي ته ملڪ ?? هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي، پاڪ??تا?? حڪومت روٽري انٽرنيشنل جي پروگرامز ?? هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان روٽري انٽرنيشنل جي صدر اسٽيفيني ارچڪ جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ ٿومس اينٿوني گمپ، محمد فيض قدوائي، عبدالعزيز ميمڻ ۽ مسرور شيخ شامل هئا. وفد نگران وزيراعظم کي پاڪ??تا?? سمارٽ وليج پروگرام ۽ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان روٽري انٽرنيشنل جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. نگران وزيراعظم اسٽيفيني ارچڪ کي روٽري انٽرنيشنل جي پهرين عورت صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم روٽري انٽرنيشنل جي پاڪ??تا?? ۾ پوليو جي خاتمي، تعليم ۽ ٻين شعبن جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري ۽ ترقياتي ادارن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، اسان جو عزم آهي ته ملڪ ?? هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي. هن چيو ته پاڪ??تا?? حڪومت روٽري انٽرنيشنل جي پروگرامز ?? هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، اميد آهي ته روٽري انٽرنيشنل پاڪ??تا?? ۾ پنهنجي پروگرامز جي پهچ ۾ اضافو ڪندي. وفد نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته روٽري پاڪ??تا?? سمارٽ وليج پروگرام جدت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو، غريب ترين طبقي جي لاءِ شروع ڪيل اهي سمارٽ ويليج زراعت کي فروغ ڏيڻ، قابل تجديد توانائي ??ي نظام مان فائدو کڻڻ، پاڻي ??ي نيڪالي جي انتظام کي بهتر بڻائڻ، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روٽري انٽرنيشنل پاڪ??تا?? ۾ 8 لک ڪتاب عطيو ڪري چڪو آهي جنهن مان 2 لک ڪتاب رڳو بلوچ??تا?? صوبي ۾ ورهايا ويا آهن. وفد نگران وزيراعظم کي 10 هزار وڌيڪ ڪتابن جو تحفو پيش ڪيو جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ورهايا ويندا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪ??تا?? جي ڏورانهن علائقن ۾ روٽري انٽرنيشنل جون موبائيل لائبريريز ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۽ خواندگي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ملاقات ۾ قومي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.