اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير مرت??يٰ سولنگي چيو آ??ي ته پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آهي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن اچڻ معمول جو حصو آ??ي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير چيو ته نگران ڪابينا جي پهرين اجلاس کانپوءِ مسلسل اليڪشن ڪميشن سان رابطي ۾ آهيون، اليڪشن ڪيمشن سان روزاني جي بنياد تي رابط?? ٿئي ٿو، اليڪشن ڪميشن اچڻ معمول جي رابطي جو حصو آ??ي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ڪا ملاقات ناهي ٿي. سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آهي، سيڪيورٽي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري آڻينداسين، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ فارن ميڊيا جي پاڪستان اچڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير چيو ته اها معلومات پرڏيهي وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان فراهم ڪندا. سياسي پارٽين جي سرگرمين جي شروعات بابت سوال تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير چيو ته سياسي پارٽين جي اميدوارن جي اعلان کانپوءِ چونڊ سرگرمين جي باقاعده شروعات ٿيندي، سموريون پارٽيون پنهنجي چونڊ سرگرمين جي شروعات ڪري رهيون آهن، 15 جنوري کان مسلم ليگ (ن) به جلسن جو اعلان ڪيو آ??ي، ان کانپوءِ چونڊ سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي ايندي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۾ فني خرابي بابت سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي ??زير چيو ته نگران حڪومت کان اڳ ۾ به اهڙا فني مسئلا ايندا رهيا آهن، تازو ئي انٽرنيٽ جي خرابي جو سبب فني مسئلو هو، ان جو سياست سان ڪو تعلق نه آهي، ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل پي ٽي اي کان معلومات ڪري سگهجن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهرو وزارت جو قلمدان نگران وزيراعظم وٽ آهي، رولز آف بزنس تحت جڏهن ڪو وزير ناهي هوندو ته لاڳاپيل وزارت وزيراعظم وٽ هوندي آهي.