اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? پاڪستان سميت د??يا جي مختلف حصن ۾ تعليم جي فروغ، صحت، ماحولياتي ۽ سماجي تحفظ جي شعبي ۾ خدمتن تي دائودي بوهره برادري جي سربراهه ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين کي نشان پاڪستان جو اعزاز ڏنو. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان پروقار تقريب منعقد ٿي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، مذهبي معاملن وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر انيق احمد، سنڌ جو گورنر ڪامران احمد ٽيسوري ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز تقريب ۾ شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? دائودي بوهره برادري جي سربراهه ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين کي نشان پاڪستان سان نوازيو. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين دائودي بوهره ڪميونٽي جو 53 هون داعي ۽ سربراهه آهي. سندس پيروڪار سمورن براعظمن ۾ پکڙيل آهن. سندس پيروڪارن جو هڪ وڏو انگ پاڪستاني شهرين جو پڻ آهي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين پاڪستان جي لاءِ خصوصي احترام سان گڏوگڏ امن، هم آهنگي ۽ خيرسگالي جو حامي آهي. هن د??يا جي مختلف حصن م تعليم جي فروغ جي لاءِ نمايان ڪوششون ڪيون. هن ڪراچي يونيورسٽي ۾ اسڪول آف لا جي عمارت ۾ پنهنجو حصو وڌو، پاڪستان ۾ هڪ جديد ترين يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو منصوبو پڻ شروع ڪيو، صحت جي سارسنڀال جا ڪيترائي ادارا ڪم ??ري رهيا آهن، جيڪي ماڻهن کي معياري علاج جي سهولت فراهم ??ري رهيا آهن. ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته نارٿ ناظم آباد ڪراچي ۾ سيفي اسپتال ۾ جديد طبي سهولتن سان ڪارڊيڪ ونگ تعمير هيٺ آهي. رڳو گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان جي مختلف حصن ۾ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي پيروڪارن پاران هڪ لک کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويا. ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد جي لاءِ ”پراجيڪٽ رائز“ جي نالي سان هڪ عالمي قدم شروع ڪيو ويو آهي. پراجيڪٽ رائيز جي ترقي جو پروگرام، صحت جي سارسنڀال، غذائيت، صفائي سٿرائي ۽ صحت، ماحولياتي ذميواري ۽ تحفظ ۽ تعليم سميت ڪيترن ئي شعبن تي ٻڌل آهي. ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين پنهنجي پيروڪارن تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪن ۽ ملڪ ۾ ڪاروباري موقعا ڳولين. هن پنهنجي پيروڪارن تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجون زندگيون قرآن مجيد جي تعليم جي روشني ۾ گذارين. ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين دائودي بوهره ڪميونٽي جي اندر خوراڪ جي عدم تحفظ جي مسئلي کي حل ڪيو آهي جنهن جي ذريعي هر ڳوٺ، قصبي يا شهر ۾ جتي اهي رهن ٿا، فيض المواد جي اهتمام هيٺ هڪ گڏيل باورچي خانو قائم ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي مختلف شهرن م ايف ايم بي ڪميونٽي ڪچن مان روزانو 7000 کان وڌيڪ خاندان فائدو کڻن ٿا. روحاني رهنمائي ۽ سماجي خدمتن جي ميدان ۾ پاڪستان جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين کي ”نشان پاڪستان“ عطا ڪيو.