اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪس??ان لان?? رينج فيلڊ ٽارگيٽ رائيفل ٽيم جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدر پاڪست??ني رائيفل ٽيم کي برطانيا ۾ ٿيندڙ يو??پي لان?? رينج رائيفل چيمپئن شپ 2023ع کٽڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليفٽيننٽ جنرل احسن گلريز ۽ ڪرنل جنيد وقاص کي چاندي جو تمغو جڏهن ته ڪرنل جنيد علي کي ٽامي جو تمغو کٽڻ تي خصوصي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪ فوج جي ٽيم عالمي سطح تي رائيفل شوٽنگ جي مقابلي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، پاڪست??ني رائيفل ٽيم يو??پين چيمپيئن شپ کٽڻ تي ساراهه جي لائق آهي. صدر چيو ته پاڪس??ان ۾ مختلف راندين کي فروغ ڏيڻ ۽ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن پاڪست??ني رائيفل ٽيم جي لاءِ مستقبل ۾ پڻ ڪاميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.