اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي هنگو ۽ مستونگ ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جشن ولادت رسول ﷺ ۽ جمعي نماز کي پنهنجي ڪڌي ڪاررواين جي لا??ِ چونڊ ڪري درجنين بيگناهه مسلمانن کي شهيد ڪيو، دهشتگردن جو ڪنهن به مذهب، نظريي ۽ اخلاقيات سان ڪو تعلق نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعا?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته اها حقيقت آهي ته دهشتگردن جشن ولادت رسول ﷺ ۽ جمعي نماز کي پنهنجي ڪڌي ڪاررواين جي لا??ِ چونڊيو ۽ درجنين بيگناهه مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو جنهن م??ن اها ڳالهه بنا ڪنهن شڪ جي ثابت ٿئي ٿي ته دهشتگردن جو ڪنهن به مذهب، نظريي ۽ اخلاقيات سان ڪو تعلق نه آهي. پاڪستاني رياست انهن خونخوار درندن کي پوري قوت ۽ پاڪستان جي عوام جي طاقت سان ڪچي ڇڏيندي.