نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارتي عملدارن جي ملوث هجڻ جا الزام ڀارت سان 70 سالا تجربي خاص طور تي ڪلڀوشن ياديو جي روشني ۾ اسان جي لاءِ حيرت جي ڳالهه نه آهي ڇو ته اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي فطرت ۽ طرز عمل کي ڄاڻون ٿا. پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس قاضي گذريل رات نيويارڪ ۾ نيوز بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چ??و ته ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جو بيان ته ان وٽ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجار جي قتل ۾ ڀارت جي وابستگي جا معتبر ثبوت آهن، اهي الزام ڪجهه حقيقتن تي ٻڌل هوندا. هن ڀارت جي رڪارڊ تي ڳالهه ڪندي چ??و ته پاڪستان ملڪ ۾ فساد پکيڙڻ جي لاءِ داخل ٿيندڙ ڀارت جي جاسوس نيول آفيسر ڪلڀوشن ياديو کي حراست ۾ رکيو جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو. هن چ??و ته ڪئناڊا جي وزيراعظم پاران الزام ڀارت سان 70 سالا تجربي جي روشني ۾ اسان جي لاءِ حيرانگي جي ڳالهه نه آهي. هن چ??و ته جيڪڏهن ڪو ملڪ ڀارت کي سمجهي ٿو ته اهو اسان آهيون، اسان جو ڀارت سان 70 سالن جو تجربو آهي، پاڪستان فيبروري 2019ع ۾ پنهنجي دفاع جي لاءِ ڀارت جي سنيڪ اٽيڪ جو جواب ڏنو هو اها ڪا ننڍي ڳالهه نه آهي. هن چ??و ته اسان جو پاڙيسري ملڪ اسان کان ست ڀيرا وڏو آهي، تنهن هوندي به ڀارت ٻيهر ائين ڪ??و ته اسان ٻيهر پنهنجو ڀرپور دفاع ڪنداسين. پرڏيهي سيڪريٽري چ??و ته جڏهن به پاڪستان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال ٿئي ٿي ته اڪثر ان ۾ ڀارت جو هٿ هوندو آهي. پر دنيا کي هاڻي اهو سمجهڻ گهرجي ته ان جو ”لازمي اتحادي“ عالمي برادري ۾ ڪهڙي طرح سلوڪ ڪري ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته نگران وزيراعظم 22 سيپٽمبر تي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي ۽ افغانستان سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عوامي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هو پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) تي عملدرآمد ۽ نگران انتظاميا پاران ملڪ جي اقتصادي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاء?? کنيل اهم قدمن ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي پاڪستان جي ڪوششن بابت پڻ ڳالهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي سعودي هم منصب سان ملاقات ۾ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ چ??و ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. پاڪستاني پرڏيهي سيڪريٽري چ??و ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس عالمي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ۽ هڪ ٻئي کي ڄاڻڻ جو هڪ ڪارائتو موقعو فراهم ڪري ٿو.