اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 5 آگسٽ ”استحصال ڏهاڙي“ جي موقعي تي اسلام آباد ۾ قائم سفارتي مشنز کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ج?? تازه ترين صورتحال کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي قانوني، سيڪيورٽي ۽ انساني حقنج?? رخن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو.