اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن ۽ سندن خاندانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ ايثار کي سلام پيش ڪندي قوم پاران ??هيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 12 جولاءِ تي زوب ڪينٽ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتي?? سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر حوالدار محمد عثمان، صوبيدار سڪندر ۽ نائب صوبيدار مصطفيٰ جي پونئيرن سان ??عزيت جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ گل حميد ۽ نائيڪ جاويد شهزاد جي گهرڀاتين سان ??ه ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي محمد يوسف، فهيم ۽ مقصود جي وارثن سان ??ه ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي فرض سان لگن ۽ وطن جي لاءِ قربانين جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.