اسلام آباد – 13 – جول??ءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلا??ي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ل??ءِ اسلا??ي ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان مدد کانسو??ءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلا??ي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر ۽ اسلا??ي ترقياتي بئنڪ جا پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان عالمي مالياتي اداري سان اسٽينڊ بائي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ل??ءِ اسلا??ي ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر به اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چ??و ته ان مدد کانسو??ءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. هن چ??و ته اسلا??ي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي هڪ اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. وزيراعظم فرانس ۾ پنهنجي ۽ اسلا??ي ترقياتي بئنڪ جي صدر جي خوشگوار ملاقات جو ذڪر ڪندي چ??و ته پاڪستان اسلا??ي ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم صدر ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ل??ءِ تازو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪا خصوصي طور تي ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي ل??ءِ قائم ڪئي وئي آهي. صدر اسلا??ي ترقياتي بئنڪ ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر چ??و ته پاڪستان اسان جو ڀائر ملڪ آهي جنهن سان تعاون جاري رکنداسين. وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.