ٺٽو-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر غلام فاروق سومرو ڪيٽي بندر ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪري پاڪ فوج، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ايجنسي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان خطري واري علائقي مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ??يس??يو واري ھلندڙ ڪم جي نگراني ڪري رھيو آھي. ان موقعي تي ??پٽي ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاڪستان آرمي، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ايجنسي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ڪيٽي بندر جي سامونڊي پٽي جي غير محفوظ علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ??يس??يو جو ڪم تيزي سان جاري آهي تہ جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٻگهاڻ، ٽي سي ايف اسڪول بابو ڪنان ٻگهاڻ، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ڪيٽي بندر، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٻگهاڻ، ٽي سي ايف اسڪول پير ڏنو شاهه جهالو، ٽي سي ايف اسڪول جھنگيسر، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳاڙھو، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڳاڙھو ۽ وٽنري اسپتال ڳاڙھو ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين ساحلي علائقن مان اٽڪل 727 خاندانن کي ??يس??يو ڪري مختلف رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي ??ين پڪل کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي، مڇر دانيون، موبائيل اسپتال، دوائون، واش رومز ۽ ٻيون سموريون گهربل سھولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي ساحلي علائقن مان نڪ??ڻ تي قائل ڪرڻ لاءِ سرگرم مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري هنڌن کان نڪ??ي چڪا ??هن ۽ انهن کي پڻ ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل مختلف رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.