اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) ناڻي و??ري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع ج??ري ڪرڻ جي موقعي تي تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي جي تفصيل سان ڀيٽ پيش ڪئي. ناڻي و??ري وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2013ع کان وٺي 2018ع تائين جي مدي ۾ آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل ڪرڻ کانسواءِ معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻايو ۽ دانشمنداڻين پاليسين سبب پاڪستان جي معيشت دنيا جي 24 هين وڏي معيشت بڻجي وئي جڏهن ته گذريل ساڍن چئن سالن ۾ ناقص ڪارڪردگي جي ڪري 47 هين نمبر تي پهچي وي??. ناڻي و??ري وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت مجموعي قومي پيداوار کي 2013?? ۾ 3.9 سيڪڙو ما?? وڌائي 2018ع ۾ 6.1 سيڪڙو تائين پهچائي ڇڏيو. انهي مدي ۾ مجموعي طور تي جي ڊي پي ۾ ٻه سيڪڙو جو اضافو ٿيو، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي حڪومت جي شروعاتي ٻن سالن ۾ جي ڊي پي جي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي ۽ آخري سال ۾ بيس (base) سال کي تبديل ڪري جي ڊي پي کي 6 سيڪڙو ڏيکاريو وي??. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بلحاظ ڳاڻيٽو جي ڊي پي ۾ 97.9 سيڪڙو جي واڌي ٿي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ 18.7 سيڪڙو جي واڌ ڏيک??ري وئي آهي، هن چيو ته 2013ع ۾ في ڪس آمدني 1446 ڊالر هئي جيڪا 2018ع ۾ 1768 ڊالر ٿي وئي، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٻه سيڪڙو ??ي گهٽتائي آئي، 2018ع ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 4 سيڪڙو هو جيڪو 2022ع ۾ 12.2 سيڪڙو تي پهچي وي??، 2018ع ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي جي شرح 3.8 سيڪڙو هئي جيڪا 2022ع ۾ 13.4 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي. 2018ع ۾ بنيادي ناڻي واڌ 5.8 سيڪڙو هئي جيڪا 2022ع ۾ 8.1 سيڪڙو ٿي وئي، 2018ع ۾ امپورٽ جو ڳاڻيٽو 55.7 ارب ڊالر هو جيڪو 2022ع ۾ 71.5 ارب ڊالر ٿي وي??، جي ڊي پي جي شرح سان امپورٽ جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 15.6 سيڪڙو هو جيڪو 2022ع ۾ 19 سيڪڙو تائين پهچي وي??. 2018ع ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.4 ارب ڊالر هو جيڪو مالي سال 2022ع ۾ 15.5 ارب ڊالر هو. قرضن جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 24953 ارب هو جيڪو 2022ع ۾ 49242 ارب روپيا ٿي وي??، پرڏيهي قرضن جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 70.2 ارب ڊالر هو جيڪو 2022ع ۾ 88.8 ارب ڊالر ٿي وي??.