اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته س??ڊا?? ۾ ڦاٿل 1000 کان وڌيڪ پاڪستانين کي ڪامياب ۽ محفوظ طريقي سان ڪڍڻ جي لاءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پرڏيهي آفيس جي ٽيم ۽ ٻين ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اتان جي حالتن جي ڏس ?? اهو يقينن هڪ مشڪل ڪم ه?? جيڪو وقت س?? ۽ ٺوس قدمن جي ڪري ئي ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستانين جي وطن واپسي جي مشن کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڀرپور مدد تي سعودي عرب ۽ چين جا ٿورائتا آهيون.